اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات مثبت رجحان سان ٿي، جتي 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن بعد 100 انڊيڪس 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان هڪ لک 70 هزار 944 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 339 پوائنٽن جي گهٽتائي سان هڪ لک 70 هزار 425 پوائنٽن تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو