ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هن سال آگسٽ دوران سنڌ جي پنجن ضلعن مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ موجب، ڪراچي جي اولهه، ڪورنگي، سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعن مان هر هڪ ماحولياتي نموني ۾ پوليو وائرس مليو آهي.اي او سي سنڌ ٻڌايو ته حيدرآباد مان ورتل ٻن ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو وائرس مليو.ضلعي شرقي، ڪيماڙي ۽ ملير جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس نه مليو، جڏهن ته گهوٽڪي، سکر، جيڪب آباد ۽ قمبر جا ماحولياتي نمونا به منفي رهيا.اي او سي موجب، لاڙڪاڻو، ڪشمور، دادو، بدين، ڄامشورو، سجاول، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق نه ٿي.ايمرجنسي آپريشنز سينٽر سنڌ چيو ته جن ضلعن ۾ پوليو وائرس جا مثبت نمونا مليا آهن، اتي پوليو مخالف ويڪسينيشن ۽ ٻين قدمن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.










