خالد ۽ آزاد جکراڻي جي بنگلي تي پوليس چڙهائي

خالد ۽ آزاد جکراڻي جي بنگلي تي پوليس چڙهائي

جيڪب آباد: (ن س) پ پ پ ايم اين اي مير اعجاز جکراڻي جي ڀاءُ خالد جکراڻي ۽ آزاد جکراڻي جي بنگلي تي پوليس چڙهائي دوران گهرڀاتين ۽ پوليس وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي. پ پ پ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي جي ننڍي ڀاءُ خالد جکراڻي ۽ آزاد جکراڻي جي ڪراچي جي ڊفينس فيز 6 واري بنگلي تي پوليس چڙهائي ڪئي. پوليس جي بنگلي ۾ داخل ٿيڻ دوران گهرڀاتين ۽ پوليس وچ ۾ منهن ماري ٿي، گهرڀاتين واقعي جون وڊيوز پڻ رڪارڊ ڪيون، جڏهن ته اهي الزام لڳايا پيا وڃن ته پوليس گهرڀاتين جا موبائل فون کسي ورتا ۽ بنگلي جي ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو. واقعي کان پوءِ سعودي عرب ۾ موجود آزاد جکراڻي جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن مير اعجاز حسين جکراڻي تي سخت الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي ڀينرن کي گرفتار ڪري کنڀائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ خالد جکراڻي کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. آزاد جکراڻي پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مير اعجاز جکراڻي ملڪيت خاطر اهڙي حرڪت ڪئي آهي، جنهن جو ساڻس حساب ٿيندو.اعجاز جکراڻي جي ننڍي ڀاءُ خالد حسين جکراڻي پنهنجي بيان ۾ چيو ته رات جو اڍائي وڳي منهنجي غيرموجودگي ۾ 15 پوليس موبائيلون 100 اهلڪارن گهر تي چڙهائي ڪئي، چڙهائي دوران پوليس اهلڪارن گهر ۾ موجود منهنجي ڀينرن کي گهلي هيٺ وٺي آيا، منهنجي ڀينرن کان موبائيل فون کسيا ويا انهن کي پوليس موبائيل ۾ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن اعجاز جکراڻي کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي ڀينرن سان اهڙي قسم جي حرڪت ڪرڻ کان بجاءِ مون کي روڊ تي بيهاري گولي هڻي ڇڏين ها ته ڏک نه پهچي ها.هن چيو ته مان ۽ پ پ ايم پي اي ممتاز جکراني اتي پهتاسين ته پوليس اهلڪارن منهن ماري ڪئي. پوليس منهنجي ڀينرن جا ٻه موبائيل فون کڻي وئي نوڪر ۽ ملازمن کي کنڀي وئي هن چيو ته منهنجي گهر ۾ پيل سرڪاري هٿيار به کڻي ويا آهن اها صرف منهنجي نه پر جيڪب آباد واسين سنڌ واسين جي نياڻين جي تذليل ڪئي وئي. اعجاز جکراڻي اسان کان پوليس مشينري ذريعي ملڪيت حاصل ڪرڻ ٿو چاهي اسان جڏهن ملڪيت لکي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ هن پوليس ذريعي اهڙي ڪارروائي ڪئي، هن چيو ته پوليس منهنجي گرفتار ملازمن مٿان چرس يا ٻيو منشيات برآمد ڪرائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو