صوبن کان 23 هزار اهلڪار اسلام آباد طلب

صوبن کان 23 هزار اهلڪار اسلام آباد طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اسلام آباد جي سيڪيورٽي لاءِ صوبن کان مدد گهري ورتي. وفاقي حڪومت طرفان ڪابينه سيڪريٽري پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي خط لکندي ٽنهي صوبن کان گڏيل طور تي ساڍا 23 هزار پوليس اهلڪار طلب ڪيا ويا.
ڪابينه ڊويزن صوبن کان پوليس اهلڪارن جي دستيابي ۽ مقرري لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب مان 15 هزار، سنڌ مان 8 هزار، بلوچستان مان 500 پوليس اهلڪار اماڻيا ويندا. ٽنهي صوبن جي پوليس اهلڪارن کي 20 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو