ڪراچي، پوليس ڪارروائي، گينگ وار جو اهم جوابدار گرفتار

ڪراچي، پوليس ڪارروائي، گينگ وار جو اهم جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پاڪ ڪالونيءَ ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي گينگ وار جي اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار گينگ وار جي سرغني ڪاشف ڊاڊا جو ڀاءُ آهي. ڪاشف ڊاڊا جي ملڪ مان فرار ٿيڻ بعد جوابدار نصير پاڪ ڪالونيءَ ۾ گينگ هلائي رهيو هو. جوابدارن جو گروهه ڪاشف ڊاڊا جي چوڻ تي روزانو لکين رپين جي منشيات وڪرو ڪندو آهي، جڏهن ته جوابدار نصير ڪجهه ڏينهن اڳ مخالف گروهه جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث رهيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاشف ڊاڊا گينگ خلاف پاڪ ڪالوني پوليس جو ڪيتريون ئي ڏينهن کان آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو