ڪراچي ۾ پوليس مقابلا، 3 زخمين سميت 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ پوليس مقابلا، 3 زخمين سميت 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن دوران ٽن زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، نيو ڪراچي سيڪٽر 11-جي ۾ مقابلي کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٻن مبينا ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. ٻئي طرف، ڊفينس فيز 6 ۾ پوليس ۽ هٿياربند جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ پوليس ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.پوليس گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو