ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.پوليس اختيارين موجب واقعو صفوران ڳوٺ ۽ نيو سبزي منڊي ڀرسان پيش آيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا، جن وٽان هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس ٻنهي زخمي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










