نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعليٰ سطحي حصي جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف گرمجوشي سان نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت ورجائي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي وارن مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪويت سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي گنجائش تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ گڏيل عزم ورجايو.










