ميڊيڪل جون 1400 اضافي سيٽون، سنڌ کي هڪ به نه ملي

ميڊيڪل جون 1400 اضافي سيٽون، سنڌ کي هڪ به نه ملي

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ڪاشف ملاح ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) طرفان ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ايڊيشنل (اضافي) سيٽن جي ورڇ دوران سنڌ جي شاگردن کي نظرانداز ڪرڻ جو فيصلو سنڌ خلاف سازش آهي، 1400 ايڊيشنل سيٽن مان سنڌ کي هڪ به سيٽ ناهي ملي، هڪ به سيٽ نه ملڻ باوجود سنڌ سرڪار جي مجرماڻي ماٺ ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي ٻيٽن، سنڌو درياهه ۽ زمينن ۽ وسيلن جيان سنڌ جي شاگردن جون ميڊيڪل جون سيٽون به ٻين صوبن کي وڪرو ڪري ڇڏيون آهن، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب هڪ به ايڊيشنل سيٽ سنڌ کي ناهي ملي. جنهنڪري انٽري ٽيسٽ ۾ سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿيڻ باوجود سنڌ جا سوين شاگرد ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن کان محروم ٿي ويندا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايڊيشنل سيٽن کان سنڌ کي محروم رکڻ وارو پي ايم ڊي سي جو فيصلو فوري طور واپس وٺي سنڌ کي ميڊيڪل جي سيٽن ۾ حصو ڏنو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان صوبن سان گڏ اسلام آباد، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٻين وفاقي علائقن کي به سيٽون ڏنيون ويون آهن. پر سنڌ کي هڪ به سيٽ نه ڏئي ديوار سان لڳايو ويو آهي. صحت جو وفاقي وزير ايم ڪيو ايم جو دهشتگرد آهي، جنهن سنڌ کي ايڊيشنل سيٽن کان محروم رکي سنڌي شاگردن جي سٺين مارڪن تان پاس ٿيڻ تي تعصب ۽ نفرت جو اظهار ڪيو هو. تعصب پرست وفاقي وزير صحت مصطفي ڪمال فوري طور استيفي ڏئي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل سان لاڳاپيل اهڙي اهم معاملي تي سنڌ سرڪار مجرماڻي ماٺ ختم ڪري، سنڌ جي صحت کاتي کي گهرجي ته اضافي سيٽن جي ورڇ بابت سرڪاري دستاويز ۽ سنڌ جي حصي جو طئي ٿيل معيار عوام آڏو آڻي ۽ سنڌ جو وڏو وزير ايڊيشنل سيٽن جو معاملو سي سي آئي ۾ رکي، هر صورت ۾ سنڌ کي حصي جون ميڊيڪل جون سيٽون ڏياريون وڃن. عوامي تحريڪ چيو ته ميڊيڪل جي تعليم کي سيلف فنانس ۽ اسپيشل سيلف فنانس جي نالي ۾ شاهوڪار طبقي تائين محدود ڪيو ويو آهي. تعليم کي ايترو مهانگو بڻايو ويو آهي، جو لکين ۽ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ جي سگهه نه رکندڙ هارين، مزدورن، پورهيتن ۽ هيٺين وچولي طبقي جا باصلاحيت ٻار ڊاڪٽر بڻجڻ جي خواب کان محروم ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته شاهوڪار طبقي لاءِ مهانگي تعليم جا رستا کليل آهن. ميڊيڪل جي تعليم ڪنهن خاص طبقي جي ميراث نه، پر هر قابل ۽ اهل شاگرد جو حق آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سيلف فنانس ۽ اسپيشل سيلف فنانس جي نالي ۾ تعليم کي اميرن تائين محدود ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪري، سنڌ ۾ نوان سرڪاري ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن، موجوده ادارن جي گنجائش ۽ ريگولر سيٽن ۾ واڌ ڪئي وڃي، فيون گهٽايون وڃن ۽ تدريسي عملي توڙي اسپتالن جون سهولتون بهتر بڻايون وڃن. ان سان گڏ هارين، مزدورن ۽ پٺتي پيل علائقن ۽ معاشي طور ڪمزور خاندانن جي ٻارن کي اسڪالرشپ وسيلي ڪتابن، هاسٽل ۽ ٻين ضروري خرچن سميت مفت ميڊيڪل تعليم فراهم ڪئي وڃي، جيئن غربت ڪنهن به باصلاحيت شاگرد جي ڊاڪٽر بڻجڻ واري خواب ۾ رڪاوٽ نه بڻجي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا نوجوان اڳ ئي بيروزگاري، مهانگائي ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ميڊيڪل جي اضافي (ايڊيشنل) سيٽن مان سنڌ کي محروم رکڻ سنڌ جي تعليم تي حملو آهي. PMDC ۽ لاڳاپيل حڪومتون سيٽن جي ورڇ جو معيار، منظوريءَ جا تفصيل ۽ صوبن جي حصن بابت مڪمل معلومات عام ڪن ۽ سنڌ جي شاگردن سان انصاف کي يقيني بڻائين.

پهنجو تبصرو موڪليو