پمز بابت اپائن تي 3 مهينن اندر عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم

پمز بابت اپائن تي 3 مهينن اندر عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ لڳل باهه بابت جاچ رپورٽ ۾ تجويز ڪيل مختصر مدي وارا قدم ٽن مهينن اندر لاڳو ڪيا وڃن.
وزيراعظم آفيس (پي ايم او) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم پمز اسپتال جي بهتري لاءِ ايڪشن پلان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي اهي هدايتون جاري ڪيون، جنهن دوران جاچ رپورٽ ۽ قومي صحت واري وزارت طرفان ڪيل ڪارڪردگي آڊٽ جو جائزو ورتو ويو.
26 آگسٽ تي پمز جي مدر اينڊ چائلڊ اسپتال جي نرسري ۾ لڳل باهه سبب 14 نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو هو. ان واقعي کان پوءِ فائر سيفٽي جي قدمن بابت خدشا سامهون آيا ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جا مطالبا پڻ ڪيا ويا. جاچ جي عبوري رپورٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ 8 آفيسرن خلاف فوجداري ڪارروائي ۽ کين معطل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو هو.
اربع ڏينهن ٿيل اجلاس دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته جاچ رپورٽ ۾ تجويز ڪيل مختصر مدي وارا قدم ايندڙ ٽن مهينن اندر لاڳو ڪيا وڃن.
هن اسپتال جي بهتري ۽ ان کي عالمي معيارن مطابق آڻڻ لاءِ ”هر ممڪن قدم“ کڻڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم فائر سيفٽي نظام بابت پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر کان مدد ۽ سفارشون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم اهو پڻ حڪم ڏنو ته اسپتال ۾ دوائن ۽ ٻين سهولتن جي مفت فراهمي کي يقيني بڻائڻ وارا قدم ايڪشن پلان جو حصو بڻايا وڃن.
وزيراعظم اسپتال ۾ اهڙو عملو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي پيشوراڻي شهرت مضبوط هجي. هن وڌيڪ چيو ته جاچ رپورٽ ۾ تجويز ڪيل ڊگهي مدي وارن قدمن جي بنياد تي هڪ جامع ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف پولي ڪلينڪ اسپتال جو آڊٽ ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن بي ضابطگين جو ازالو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسپتال جي جوڙجڪ ۾ بهتري لاءِ هڪ منصوبو پڻ تيار ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) اسلام آباد جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ فائر سيفٽي جي قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻائي.
وزيراعظم چيو ته سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارا سرڪاري ۽ خانگي آفيسن توڙي عمارتن جا پڻ فائر سيفٽي آڊٽ ڪرائين ۽ حفاظتي قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻائين.
اجلاس دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پمز جي ڪارڪردگي بابت ڪيل آڊٽ ۾ جانچيل معيارن مطابق اسپتال جي صرف 39.7 سيڪڙو ڪارڪردگي ۽ تعميل سامهون آئي.
اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جاچ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ تجويز ڪيل 37 قدمن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. اجلاس ۾ اسپتال جي بهتري لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.
جاچ ڪميٽي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي باهه لڳڻ واري ڏينهن ئي قائم ڪئي وئي هئي. ڪميٽي اربع ڏينهن 43 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ پنهنجا نتيجا ۽ سفارشون پيش ڪيون.
ڪميٽي چيو ته خطرناڪ باهه لڳڻ جو سڀ کان وڌيڪ امڪان مقامي سطح تي بجليءَ جي خرابي سبب هو. ساڳئي وقت ڪميٽي اسپتال جي انتظاميا کي نظام ۽ ادارتي سطح تي ناڪامي جو ذميوار قرار ڏنو، جنهن سبب باهه هڪ وڏي سانحي ۾ تبديل ٿي وئي.
اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته غيرمعمولي مقامي برقي گرمي، جيڪا ممڪن طور تي حد کان وڌيڪ ڪرنٽ، وڌيڪ مزاحمت واري برقي ڪنيڪشن يا ڪنهن ٻي مقامي خرابي سبب پيدا ٿي، غالباً بجليءَ جي تار جي حفاظتي تهه کي نقصان پهچايو ۽ ويجهو موجود آتش گير مواد کي باهه لڳي وئي.
رپورٽ ۾، بهرحال، ”اڳ ۾ معلوم، پر مڪمل طور تي ختم نه ڪيل خطرن جي تاريخ“ جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ پمز جي نرسنگ هاسٽل ۾ اڳ لڳل باهه سميت اڳواٽ ڏنل وارننگز جو حوالو ڏنو ويو.
رپورٽ ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته انهن وارننگز کي نرسري ۾ باهه لڳڻ کان اڳ جامع، مقرر وقت اندر مڪمل ٿيندڙ ۽ آزاد طور تي تصديق ٿيل اصلاحي پروگرام ۾ تبديل نه ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو