اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) شوگر شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ مرڪز جي شوگر پاليسي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تحت اقتصادي ۽ مالياتي پاليسين جي تياري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پيٽروليم وزارت ۽ پاور ڊويزن جا آءِ ايم ايف سان ڳالهيون پڻ جاري آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف شوگر شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ مرڪز جي شوگر پاليسي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي. سنڌ جي اختلاف سبب شوگر پاليسي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن جي ناڻي واري وزارت جي اختيارين سان اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي. آءِ ايم ايف آٽو پاليسي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين (اي ويز) کي حاصل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ صارفين لاءِ وزيراعظم فيول سبسڊي ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول سبسڊي مان فائدو وٺندڙ صارفين جو انگ وڌيڪ نه وڌايو وڃي ۽ فيول سبسڊي کي ننڍين گاڏين تائين محدود رکيو وڃي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن جي پيٽروليم وزارت جي اختيارين سان اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ پيٽروليم واري وزير وفد جي اڳواڻي ڪندو. ڳالهين دوران گئس جي ٽيرف اسٽرڪچر ۽ گئس شعبي ۾ گردشي قرضن جي معاملن تي غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن اڄ نجڪاري واري وزارت جي اختيارين سان پڻ ملاقات ڪندو، جنهن دوران ڊسڪوز جي نجڪاري ۽ لائن لاسز جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن جا ايف بي آر سان ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن.










