اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت دوست ملڪن کان ٻه طرفه قرضن تي دارومدار گھٽائي عالمي مالياتي مارڪيٽ ۾ بانڊز جي اجرا ذريعي قرض حاصل ڪرڻ جو پلان جوڙي ورتو آهي.ان سلسلي ۾ ٽي ڪنسورشيم مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آمريڪا مان زرمبادلا جي ذخائر لاءِ 10 ارب ڊالر سيپٽمبر جي آخر تائين ملڻ جي اميد آهي. اهي 10 ارب ڊالر ڊائريڪٽ ڪريڊٽ لائن نه هوندي بلڪه ڪرنسي جي استحڪام ۽ زرمبادلا جي ذخائر کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ عالمي مالياني مارڪيٽ لاءِ هڪ سگنل هوندو.










