اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شهرين کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي بنيادي قيمت مٿان ڳرا ٽيڪس ۽ مارجن وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.پيٽرول جي قيمت ان جي بنيادي قيمت کان 133.02 رپيا في ليٽر وڌيڪ آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل پنهنجي بنيادي قيمت جي ڀيٽ ۾ 122.55 رپيا في ليٽر مهانگو آهي.دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پيٽرول جي هڪ ليٽر تي ليويز، ٽيڪس ۽ مارجن جي مد ۾ مجموعي طور 131.60 رپيا وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڊيزل جي هڪ ليٽر تي ليويز، ٽيڪس ۽ مارجن جي مد ۾ 122.55 رپيا لاڳو آهن.پيٽرول جي قيمت 234.73 رپيا في ليٽر آهي، پر ان جي موجوده مقرر قيمت 367.75 رپيا في ليٽر آهي.










