عوام مٿان حڪومت جو حملو،پيٽرول 6.88 ۽ ڊيزل 5.62 رپيا مهانگو

عوام مٿان حڪومت جو حملو،پيٽرول 6.88 ۽ ڊيزل 5.62 رپيا مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 6.88 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 391.22 رپيا ٿي وئي، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5.62 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سان نئين قيمت 421.45 رپيا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، پيٽروليم شين جون اهي نيون قيمتون 17 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو