اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪندي نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 1 رپيو 12 پيسا في ليٽر واڌ کانپوءِ نئين قيمت 343 رپيا 10 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيو 11 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڊيزل جو نئون اگهه 371 رپيا 80 پيسا ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جي انهن نئين اگهن جو اطلاق 26 ۽ 27 آگسٽ لاءِ هوندو.










