عوام مٿان پيٽرول بم حملو،پيٽرول 5 رپيا 58پئسا مهانگو

عوام مٿان پيٽرول بم حملو،پيٽرول 5 رپيا 58پئسا مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جاري آهي، اڄ ملڪ ۾ پيٽرول ۾ 5.58 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن پيٽرول جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو آهي.پيٽرول جي قيمت ۾ 5.58 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.18 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.واڌ کان پوءِ، پيٽرول جي نئين قيمت 364.35 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 385.95 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 9 سيپٽمبر لاءِ هونديون، جيڪي رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو