اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 12.90 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي.پيٽروليم ڊويزن پيٽرول جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو.پيٽرول جي قيمت ۾ 12.90 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.72 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 358.77 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 381.77 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 8 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون، جيڪي رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.










