پيٽرول جلد سستو ٿيڻ وارو آهي: ٽرمپ

پيٽرول جلد سستو ٿيڻ وارو آهي: ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي صارفين پاران پيٽرول جون وڌيل قيمتون ادا ڪرڻ دنيا ۽ ملڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ ”معمولي قيمت“ آهي.نيبراسڪا جي شهر گرينڊ آئلينڊ ۾ چونڊ مهم واري جلسي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته پيٽرول جون قيمتون جلد گهٽجي 1 ڊالر 85 سينٽ في گيلن کان به هيٺ اچي وينديون. ٽرمپ موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ اها گهٽتائي 3 نومبر تي ٿيندڙ مڊٽرم چونڊن کان اڳ يا ان جي فوري طور تي پوءِ ممڪن آهي، جڏهن ته موجوده تيل جون قيمتون بائيڊن انتظاميا جي دور جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا دنيا کي ممڪن طور تي ”بدترين سانحن مان هڪ“ کان بچائي رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته آمريڪا ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو