پيٽرول مهانگو،ڊيزل سستو،قيتون ٻن ڏينهن لاءِ لاڳو

پيٽرول مهانگو،ڊيزل سستو،قيتون ٻن ڏينهن لاءِ لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3.59 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 408.53 رپيا في ليٽر ٿي وئي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2.2 رپيا واڌ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 391.30 رپيا في ليٽر ٿي وئي. پيٽروليم ڊويزن 26 کان 28 سيپٽمبر لاءِ قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو