اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو آهي.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 4.61 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 393.75 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 1.96 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان نئين قيمت 422.08 رپيا في ليٽر مقرر ٿي آهي.پيٽروليم ڊويزن ٻڌايو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 22 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.










