پيٽرول 1.65 رپيا ۽ ڊيزل 88 پئسا سستو

پيٽرول 1.65 رپيا ۽ ڊيزل 88 پئسا سستو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 88 پئسا، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر هڪ رپيو 65 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن گهٽتائي کانپوءِ، ڊيزل جي نئين قيمت 424 رپيا 4 پئسا ۽ پيٽرول جي نئين قيمت في ليٽر 389 رپيا 14 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي هڪ بيان موجب، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) 19-21 سيپٽمبر لاءِ پيٽروليم شين جي ايڪس ڊپو قيمتن تي نظرثاني ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو