اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، پيٽرول جي قيمت ۾ 5.02 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 375.82 رپيا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 5.28 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سان نئين قيمت 403.32 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.ان سلسلي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 12 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.










