پيٽرول  4.42 ۽ ڊيزل 6.10 رپيا في ليٽر مهانگو

پيٽرول 4.42 ۽ ڊيزل 6.10 رپيا في ليٽر مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو،پيٽروليم ڊويزن پيٽرول ۽ ڊيزل جي نين قيمتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 4.42 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 380.24 رپيا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي.حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 6.10 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو آهي، جنهن سان نئين قيمت 409.42 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، پيٽرول ۽ ڊيزل جون اهي نيون قيمتون 15 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو