ڪي پي  ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي خلاف درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

ڪي پي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي خلاف درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

پشاور (پين ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتيون آهن. درخواستون بئريسٽر گوهر خان ۽ ايڊووڪيٽ سلمان خان الڳ الڳ داخل ڪرايون آهن، جن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواستن ۾ وفاق پاڪستان، صدر، وزيراعظم، خيبرپختونخوا جي گورنر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي فرياد ۾ شامل ڪيو ويو آهي. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته دهشتگرديءَ کي بنياد بڻائي چونڊيل صوبائي حڪومت خلاف ڪارروائي ڪرڻ امتيازي سلوڪ آهي. درخواستن موجب بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۽ جاني نقصان باوجود گورنر راڄ لاڳو نه ڪيو ويو، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ کي جواز بڻائي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جا اختيار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته 2007ع کان 2015ع تائين دهشتگرديءَ جي واقعن باوجود خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو نه ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائين ۽ امن جي قيام جي حمايت ڪري ٿي، پر دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم نه کڻڻ جا الزام سياسي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. درخواستن ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي سياسي اختلافن جي بنياد تي چونڊيل صوبائي حڪومت جا اختيار ختم ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي. پي ٽي آءِ 2024ع جي عام چونڊن ۾ خيبرپختونخوا اندر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪئي هئي. درخواستگذارن عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 234 ۾ ڄاڻايل شرطن ۽ طريقيڪار تي عمل ڪرڻ لازمي آهي، جڏهن ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري قدم جو جائزو آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ پارلياماني گهرجن موجب ورتو وڃي. سندن چوڻ آهي ته ڳالهين جي ناڪاميءَ کي به پي ٽي آءِ خلاف جواز طور استعمال ڪيو پيو وڃي. درخواست ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته لانگ مارچ دوران ڪنهن به غيرقانوني قدم جي رٿابندي نه ڪئي وئي هئي. آئيني ۽ جمهوري احتجاج کي امن امان لاءِ خطرو قرار ڏئي چونڊيل حڪومت معطل ڪرڻ وارو عمل سواليا نشان بڻجي ٿو. درخواستگذارن موجب خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ وارو امڪاني قدم غيرآئيني، غيرقانوني ۽ بدنيتيءَ تي ٻڌل آهي، جيڪو عوام جي بنيادي حقن ۽ جمهوري مينڊيٽ جي ابتڙ آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري قدم کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم ڪيو وڃي، جڏهن ته درخواستن جي حتمي فيصلي تائين گورنر راڄ بابت جاري ڪيل اعلان معطل ڪيو وڃي. عدالت خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستون 20 آڪٽوبر تي ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو