ايم ڊي ڪيٽ جي ميرٽ لسٽ تيار ڪرڻ کان روڪڻ بابت درخواست رد

ايم ڊي ڪيٽ جي ميرٽ لسٽ تيار ڪرڻ کان روڪڻ بابت درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ جي ميرٽ لسٽ تيار ڪرڻ کان روڪڻ بابت درخواست رد ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 10 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.عدالت اهڙو حڪم ايم ڊي ڪيٽ ۾ حصو وٺندڙ 10 شاگردن طرفان داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏنو. ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته معاملو حتمي ٿيڻ تائين ايم ڊي ڪيٽ جي ميرٽ لسٽ تيار ڪرڻ کان روڪيو وڃي، جنهن تي عدالت اها استدعا رد ڪري ڇڏي. جسٽس محمد سليم جسار ريمارڪس ڏنا ته ميرٽ لسٽ تيار ٿيڻ ڏني وڃي، جيڪڏهن درخواستگذارن جو حق ثابت ٿيو ته فهرست ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي. درخواستگذارن عدالت کي استدعا ڪئي ته ايم ڊي ڪيٽ جو سوالن وارو پرچو ۽ آنسر ڪيِز فوري طور ويب سائيٽ تي جاري ڪيا وڃن. درخواستگذارن جي موقف موجب، سوالن وارو پرچو اميدوارن جي سامهون موجود نه هئڻ سبب انهن لاءِ آنسر ڪيِز کي اثرائتي نموني چئلينج ڪرڻ ممڪن ناهي. درخواستگذارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ محمد نواز ڏاهري عدالت کي ٻڌايو ته 20 سيپٽمبر تي ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ورتو ويو، پر اميدوارن کي صرف جوابي شيٽ جي ڪاربان ڪاپي ڏني وئي. وڪيل موجب، اميدوارن امتحان کانپوءِ سوالن وارو پرچو پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي اجازت گهري، پر انتظاميا اجازت نه ڏني. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته سوالن وارو پرچو سڀني اميدوارن لاءِ عام ڪيو وڃي، جيئن اهي پنهنجي ڏنل جوابن جو آنسر ڪيِز سان بهتر جائزو وٺي سگهن. درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ايم ڊي ڪيٽ ۾ ڪجهه نمبرن جو فرق به اميدوار جي ميرٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. وڪيل موجب، سوالن وارو پرچو ۽ آنسر ڪيِز ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ ميرٽ جي عمل بابت سوال برقرار رهندا. درخواست ۾ عدالت کان وڌيڪ استدعا ڪئي وئي ته حتمي ميرٽ لسٽ جاري ڪرڻ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سڄي معاملي کي شفاف بڻايو وڃي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو