پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي دير ڪالوني واري سانحي کانپوءِ خيبرپختونخوا صوبي ۾ تعليمي ادارن جي عمارتن جي حفاظتي جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن دوران ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن جون عمارتون زبون حال قرار ڏنيون ويون آهن. خيبرپختونخوا جي تعليم کاتي موجب سوشل ميڊيا تي سامهون آيل زبون حال اسڪولن جي عمارتن جو معائنو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ابتدائي رپورٽون پڻ ملڻ شروع ٿي ويون آهن.ٽي ڏينهن اڳ پشاور جي دير ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب 32 ٻار ۽ 2 عورت استاد فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ ٻار زخمي ٿي پيا هئا. واقعي کانپوءِ اسڪول جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو هو. تعليم کاتي موجب بونير جي بدال سرڪاري اسڪول جي 6 مان 4 ڪلاس رومن ۽ چارسده جي ٽن سرڪاري اسڪولن جي 20 مان 15 ڪلاس رومن کي زبون حال قرار ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ لوئر دير ۾ ڇوڪرن جي ٽن سرڪاري اسڪولن جون عمارتون استعمال جي لائق نه رهيون آهن. ڪرڪ جي بمي بانڊا سرڪاري اسڪول جا ٻئي ڪلاس روم، لڪي مروت جي ٻن سرڪاري اسڪولن جا 5 مان 4 ڪلاس روم، مردان جي ٻن اسڪولن جا 15 مان 4 ڪلاس روم، ڊيرا اسماعيل خان جي ٻن سرڪاري اسڪولن جا سمورا 25 ڪلاس روم ۽ هري پور ۾ ڇوڪرين جي ٽن سرڪاري اسڪولن جون عمارتون مڪمل طور زبون حال قرار ڏنيون ويون آهن. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسڪولن جي خراب عمارتن بابت انگ اکر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيوز ذريعي گڏ ڪيا ويا آهن. خيبرپختونخوا حڪومت شهرين کي اپيل ڪئي هئي ته اهي زبون حال اسڪولن جون وڊيوز شيئر ڪن. هوڏانهن پشاور سانحي بابت داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻارن اسڪول جي مالڪن کي عمارت ڪرڻ جي خطري کان آگاهه ڪيو هو. ٻارن جو چوڻ هو ته اسڪول جون ڀتيون ۽ ڇتيون پراڻيون ۽ ڪمزور ٿي چڪيون هيون ۽ انهن جي ڪرڻ جو خدشو هو، پر سندن شڪايتن تي ڌيان نه ڏنو ويو. اهو افسوسناڪ واقعو پشاور جي ٿاڻي يڪه توت جي حدن ۾ پيش آيو هو. پوليس موجب حادثي وقت اسڪول ۾ 110 ٻار موجود هئا. اسڪول جي مالڪ، شريڪ مالڪن ۽ ٺيڪيدار خلاف داخل ايف آءِ آر موجب الخير ايجوڪيشن سسٽم نالي اسڪول دير ڪالوني جي سعيد آباد پاڙي ۾ قائم هو. اسڪول جي عمارت وارو پلاٽ 16 مرلا هو، جنهن جا مالڪ دير ڪالوني جا رهواسي وحيد ۽ جاويد هئا. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2024ع ۾ مفتي خان محمد ٻين ڀائيوارن رياض، معيز الرحمان ۽ مولانا امير حبيب سان گڏجي مالڪ کان اهو پلاٽ ليز تي حاصل ڪيو ۽ اتي ٺيڪيدار شاهه زمان کان اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي. الزام آهي ته عمارت جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ بعد ۾ علائقي جي معصوم ٻارن لاءِ اسڪول قائم ڪيو ويو. صوبائي حڪومت اسڪول جي عمارت ڪرڻ کانپوءِ خانگي اسڪولن جي عمارتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ حفاظتي معائنن جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ضلعي سطح تي جاچ ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن.










