نوڪري جو آسرو 50 کان وڌيڪ عورتن گهرائيندڙ موبائل فون کڻي فرار

نوڪري جو آسرو 50 کان وڌيڪ عورتن گهرائيندڙ موبائل فون کڻي فرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گڊاپ سٽي ۾ نوڪري جو آسرو ڏئي فارم هائوس تي گهرايل 50 کان وڌيڪ عورتن جا موبائل فون کڻي فرار ٿيڻ جو واقعو پيش آيو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب گڊاپ سٽي جي هڪ فارم هائوس تي 50 کان 55 عورتن کي نوڪري لاءِ گهرايو ويو، جتي سندن درجنين موبائل فون مبينا طور کڻي فرار ٿي ويا.فارم هائوس جي مئنيجر اشعر انصاري وڊيو بيان ۾ ٻڌايو ته فارم هائوس جي بکنگ وقاص نالي شخص ڪرائي هئي، جيڪو پاڻ موجود نه هو، جڏهن ته آصف يا سلمان نالي نوجوان هڪ عورت سان گڏ فارم هائوس تي آيو هو. متاثر عورتن مان هڪ ڄڻي وڊيو بيان ۾ ٻڌايو ته کين نوڪري جو آسرو ڏئي فارم هائوس تي گهرايو ويو هو. واقعي دوران سلمان جي هڪ وڊيو پڻ سامهون آئي، جنهن ۾ هو گاڏي ۾ ويٺل عورتن کي هدايتون ڏيندي نظر اچي رهيو آهي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي گڊاپ پوليس متاثر عورتن جا بيان قلمبند ڪري ڪيس داخل ڪيو. پوليس فارم هائوس بڪ ڪرائيندڙ وقاص ۽ عورتن کي فارم هائوس تائين آڻڻ ۾ مبينا مدد ڪندڙ نرگس کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سلمان جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو