ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڪراچي جي شاهراهه قائدين تي رٿيل جلسي جي اجازت نه ملڻ بعد جلسو ملتوي ڪيو ويو. جلسي جي اجازت نه ملڻ سبب شهر ۾ سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن بابت پڻ صورتحال اهم بڻجي وئي، جڏهن ته رات دير سان ايم نائن موٽر وي، سهراب ڳوٺ، ايم اي جناح روڊ، شاهراهه قائدين ۽ راشد منهاس روڊ سميت مختلف روڊن تان رڪاوٽون هٽايون ويون، جنهن کانپوءِ ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي وئي.










