ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سنڌ جي وحدت، صوبائي خودمختياري ۽ تعليم کاتي بابت ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي سياسي جذبن ۽ تعليم جي شعبي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي نه ڏسڻ گهرجي، اسان ڪنهن سان وڙهڻ لاءِ نه ويٺا آهيون، پر سنڌ جي عوام جي جذبن کي مجروح نه ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم نمبر 1 ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير تعليم چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ نامور صحافي تعليم کاتي جي ڊيٽا کي هڪ سياسي بيان سان ڳنڍيو، جڏهن ته ٻنهي معاملن جو پسمنظر ۽ تناظر مختلف هو. هن چيو ته تعليم کاتي بابت جيڪا ڊيٽا پيش ڪئي وئي، اها درست نه هئي، تنهن هوندي به عوامي ردعمل کانپوءِ ان جي درستگي پڻ ڪئي وئي. سيد سردار علي شاهه چيو ته ميڊم فريال ٽالپر جي سنڌ جي وحدت بابت ڳالهه ٻولهه هڪ سياسي ۽ جذباتي معاملي جي تناظر ۾ هئي، جنهن ۾ سنڌ جون مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي گڏيل آواز جي نمائندگي ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ان ڳالهه کي تعليم کاتي جي غلط ڊيٽا سان ڳنڍڻ ڪنهن پروفيشنل صحافي کي نٿو سونهين. هن چيو ته هو حامد مير پاران ڊيٽا جي درستگي ڪرڻ واري عمل کي ساراهين ٿا، تنهن هوندي به اميد هئي ته سنڌ جي عوام جا جذبات مجروح ٿيڻ تي هو باقاعده معذرت پڻ ڪري ها. سندس چوڻ هو ته ڊيٽا جي غلطي جي درستگي ڪرڻ واري عمل کي ساراهيان ٿو. صوبائي وزير تعليم چيو ته تعليم کاتو انتهائي اهم شعبو آهي ۽ ان جي مسئلن کي صرف سنڌ يا ڪنهن هڪ صوبي تائين محدود ڪري نه ڏسڻ گهرجي. پاڪستان جو تعليمي نظام 1947ع کان مختلف پيچيدگين جو شڪار رهيو آهي ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو مسئلو پڻ سڄي ملڪ جو گڏيل مسئلو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي انگن اکرن تي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ ٻين صوبن جا انگ اکر پڻ سامهون رکڻ گهرجن. هن چيو ته صرف سنڌ کي تعليمي مسئلن جو ذميوار قرار ڏيڻ درست ناهي. سيد سردار علي شاهه چيو ته 2020ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ دوران سنڌ جا هزارين اسڪول مڪمل يا جزوي طور متاثر ٿيا ۽ ڪيترائي اسڪول تدريسي عمل جاري رکڻ جي قابل نه رهيا. سندس چوڻ هو ته هن وڏي نقصان باوجود سنڌ ۾ تدريسي عمل بند نه ٿيو ايستائين جو ڪجهه هنڌن تي ٻار اڄ به مختلف مشڪلاتن باوجود تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ ئي مرحلي ۾ 97 هزار استاد ڀرتي ڪيا، جن ۾ سنڌ جي نوجوانن، خاص طور عورت اميدوارن کي ميرٽ ۽ شفافيت ذريعي موقعا فراهم ڪيا ويا. سندس چوڻ موجب ايتري وڏي انگ ۾ نوجوانن جو روزگار حاصل ڪرڻ پڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي، حامد مير جهڙن ماڻهن کي اهڙن عملن کي پڻ اجاگر ڪرڻ گهرجي. صوبائي وزير تعليم چيو ته سنڌ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيچنگ لائسنس متعارف ڪرايو، جنهن تي عملدرآمد پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جو ٻيو مرحلو پڻ اچڻ وارو آهي. هن چيو ته سنڌ جا کنيل قدمن کي ٻيا صوبا پڻ اختيار ڪري رهيا آهن ۽ کين ان ڳالهه تي خوشي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سڀئي سندن لاءِ هڪجهڙا اهم آهن. سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار اسڪولن مان هينئر تائين لڳ ڀڳ 6 هزار اسڪولن جي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 14 هزار اسڪول اڃا به اهڙا آهن، جتي عمارت يا بنيادي ڍانچي جا مسئلا موجود آهن. اسلام آباد کان پڻ اميد آهي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪري. سنڌ جا ٻار اسلام آباد ڏانهن نهاري رهيا آهن، اسان ڪراچي کان جيترو ڪري سگھياسين، اهو ڪري رهيا آهيون. سنڌ جا ٻار پڻ پاڪستان جا ٻار آهن، اسلام آباد کي ان سلسلي ۾ سنجيده ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته انهن اسڪولن جي ٻيهر تعمير لاءِ وڏي پيماني تي وسيلن جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان مختلف ادارن سان پڻ ڪم جاري آهي. سندس چوڻ هو ته جتي سهولتون موجود آهن، اتي اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير تعليم ٻڌايو ته اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ ذريعي پهريون ڀيرو اسڪولن کي سڌي ريت مالي وسيلا فراهم ڪيا ويا. سندس مطابق اڳ اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ لڳ ڀڳ 18.5 ارب رپيا هئي، جنهن کي وڌائي هلندڙ سال 24 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. سيد سردار علي شاهه چيو ته استاد ۽ اسڪول انتظاميا انهيءَ بجيٽ مان پنهنجي اسڪولن ۾ بهتري آڻي رهيا آهن، جنهن کي ساراهڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم کاتي جي ترقياتي اسڪيمن جي نگراني پڻ مسلسل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن تعليم کاتي جي قدمن يا انگن اکرن بابت ڪو سوال آهي ته هو هر فورم تي ويهڻ لاءِ تيار آهن ۽ جيڪي ڪجهه ڪيو ويو آهي، ان جي مڪمل وضاحت ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آهن. سيد سردار علي شاهه چيو ته تنقيد ۽ احتساب جمهوريت جو حصو آهن، تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن قدم کي ساراهي نٿو سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن، جيڪي سنڌ جي عوام ۽ تعليم کاتي سان لاڳاپيل استادن جي جذبن کي مجروح ڪن. هن واضح ڪيو ته سنڌ پاڪستان جي بقا، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين ۽ صوبائي وحدت ۽ خودمختياري بابت سياسي موقف کي پاڪستان جي وفاقي ايڪائين کي مضبوط بڻائڻ جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي.










