اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هر ڇنڇر تي پاسپورٽ پهچائڻ وارا ڪائونٽر کليل رهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاسپورٽ کاتي جي اعلان موجب، پاسپورٽ پهچائڻ وارا ڪائونٽر ڇنڇر ڏينهن صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين کليل رهندا، جڏهن ته هفتيوار پاسپورٽ پهچائڻ جي سهولت 2 مهينن تائين جاري رهندي.اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شهري ڇنڇر ڏينهن به پنهنجا تيار ٿيل پاسپورٽ حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين نه مليل پاسپورٽ سرڪاري پاليسي موجب تباهه ڪيا ويندا.










