اسلام آباد(بيورو رپورٽ( پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف هوائي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، شروعاتي اطلاعن موجب ڪارروائي ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا.اطلاعات واري وزارت موجب آپريشن غضب لِلحق جي تسلسل ۾ افغانستان ۾ هوائي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ٻن هنڌن تي دهشتگردن جي ڪئمپن کي نشانو بڻايو ويو. وزارت موجب تصديق ٿيل انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ فتنه الخوارج جا ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. اطلاعات واري وزارت جو چوڻ آهي ته افغانستان جو بدستور دهشتگردي جو مرڪز بڻيل رهڻ ڳڻتي جوڳو آهي ۽ پاڪستان کي درپيش دهشتگردي جو خطرو افغانستان مان پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن سبب دهشتگردن جي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. وزارت موجب پاڪستاني شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ حڪومت جي ترجيح آهي، جڏهن ته پاڪستان هميشه خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي.










