پاڪستان جا افغانستان ۾ 10 هنڌن تي هوائي ۽ ڊرون حملا

پاڪستان جا افغانستان ۾ 10 هنڌن تي هوائي ۽ ڊرون حملا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي 23 سيپٽمبر تي افغانستان اندر 10 هنڌن تي هوائي ۽ ڊرون حملا ڪيا، جن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، اهي ڊرون لانچ ڪرڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا. عطا تارڙ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي جاري ڪيل بيان ۾ 23 سيپٽمبر تي افغان سرزمين تان ڊرونز ذريعي دانسته ۽ غيرقانوني دراندازي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اها پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي ۽ جارحيت جو سنگين ۽ ناقابل قبول قدم آهي. وفاقي وزير موجب پاڪستان جي فضائي دفاعي نظام افغان سرزمين تان ايندڙ سمورن درانداز ڊرونز جو سراغ لڳائي کين هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت پاڪستان تي ڊرون حملي جي ڪوشش مڪمل طور ناڪام بڻائي وئي. عطا تارڙ ٻڌايو ته پاڪستان دفاع جو حق استعمال ڪندي افغانستان اندر 10 هنڌن تي هوائي ۽ ڊرون حملا ڪيا، جتي پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ ڊرونز لانچ ۽ ذخيرو ڪيا پئي ويا.
’حملن سان سڌي ريت لاڳاپيل فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو‘
عطا تارڙ چيو ته افغانستان ۾ انهن ئي هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي پاڪستان تي ٿيندڙ حملن سان سڌي ريت لاڳاپيل هئا. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جا حملا دانسته، درست، متناسب ۽ محدود نوعيت جا هئا ۽ انهن کي صرف سڃاڻپ ڪيل فوجي هدفن تائين محدود رکيو ويو. وفاقي وزير اطلاعات چيو ته افغان سرزمين تان ٿيندڙ ڪنهن به قسم جا حملا، پوءِ اهي دهشتگرد گروهن طرفان هجن يا افغان طالبان حڪومت طرفان، پاڪستان لاءِ قبول نه آهن. هن چيو ته پاڪستان جي خودمختياري جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته افغان طالبان حڪومت کي گهرجي ته پاڪستان خلاف سموريون دشمناڻيون سرگرميون فوري طور بند ڪري ۽ افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد عنصرن خلاف اثرائتي ۽ مستقل ڪارروائي ڪري.
’پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ شهرين جو تحفظ هر صورت ڪندو‘
عطا تارڙ چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ واڌ نٿو چاهي ۽ علائقائي امن، ڳالهين ۽ تعميري رابطن لاءِ پرعزم آهي، پر پاڪستان جي ان عزم کي ڪمزوري يا دشمناڻن قدمن کي لامحدود برداشت ڪرڻ نه سمجهيو وڃي.هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ پوري قوت سان قدم کڻندو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته افغان طالبان طرفان ڪنهن به وڌيڪ اشتعال انگيز قدم جو ڀرپور ۽ دوٽوڪ جواب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو