اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اطلاعات واري وزارت آچر ڏينهن افغانستان جي انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو، جن ۾ پاڙيسري ملڪ جي نورستان صوبي ۾ مبينا ”اندروني جهيڙن“ ۾ پاڪستاني فورسز جي ملوث هجڻ جو الزام لڳايو ويو هو.
اطلاعات واري وزارت جي ايڪس تي قائم ”فيڪٽ چيڪ“ اڪائونٽ چيو ته ”نورستان ۾ مبينا تشدد سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جا الزام بي بنياد، فضول ۽ سچائي تي مشتمل نه آهن.
ان اکان اڳ افغانستان جي دفاع واري وزارت الزام لڳايو آهي ته صوبي نورستان جي ضلعي ڪامديش ڀرسان هڪ ڪارروائي دوران 28 ڄڻا مارجي ويا ۽ 32 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، جن بابت وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته انهن کي پاڪستان تربيت ڏئي تخريبڪاري لاءِ افغانستان موڪليو هطالبان. حڪومت جا الزام فضول، بي بنياد ۽ ڪنهن به سچائي کان خالي آهن.“
وزارت وڌيڪ چيو ته ”پاڪستان واضح طور تي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز يا انٽيليجنس ادارن جي نورستان يا افغانستان جي ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيندڙ اندروني جهيڙن ۾ ملوث هجڻ بابت من گهڙت دعوائن کي رد ڪري ٿو. انهن الزامن ۾ اڳوڻن افغان سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڀرتي يا تربيت ڏيڻ، يا افغانستان ۾ سرگرم داعش يا ڪنهن ٻئي دهشتگرد گروهه کي سهولت فراهم ڪرڻ جون دعوائون پڻ شامل آهن.“
وزارت نشاندهي ڪئي ته ”پاڪستان جي ملوث هجڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو هڪڙو به ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي؛ نه ڪا سڃاڻپ، دستاويز، رابطن جو رڪارڊ، فرانزڪ ثبوت يا آزاد ذريعن کان تصديق موجود آهي.“
وزارت وڌيڪ چيو ته هڪ مبينا وڊيو، جيڪا هن غلط دعويٰ جي حمايت لاءِ سوشل ميڊيا تي هلائي پئي وڃي، ”صرف ڪجهه غير هٿياربند ماڻهن کي ڏيکاري ٿي، جيڪي مناسب لباس يا سامان سان به ليس نه هئا. انهن کي اهڙي ڪارروائي ۾ گرفتار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا بظاهر افغان طالبان حڪومت پاران اڳواٽ رٿيل وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش لڳي ٿي. اها حڪومت ڪوڙن ۽ من گهڙت دعوائن لاءِ مشهور آهي.“
وزارت چيو ته ”پنهنجي اندروني سلامتي جي مسئلن جي ذميواري من گهڙت الزامن ذريعي ٻاهرين ڌرين تي وجهڻ بدران، افغان طالبان حڪومت کي پنهنجي سرزمين تان سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف قابلِ اعتماد ۽ تصديق لائق قدم کڻڻ گهرجن ۽ پنهنجي انهن واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي ته افغان سرزمين پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”افغان طالبان حڪومت پاران پاڪستان تي دهشتگردي جي حمايت جو الزام لڳائڻ خاص طور تي حيرت جوڳو آهي، جڏهن ته افغانستان مان سرگرم دهشتگرد تنظيمون پاڪستان ۽ علائقائي سلامتي لاءِ سڌو خطرو بڻيل آهن.“
وزارت نشاندهي ڪئي ته ”هر قسم جي دهشتگرد گروهن جي افغانستان اندر موجودگي ۽ سرگرميون چڱيءَ طرح دستاويز ٿيل آهن“، جن ۾ گڏيل قومن ۽ ٻين غيرجانبدار عالمي ادارن جون لڳاتار جاري ٿيندڙ رپورٽون پڻ شامل آهن.
وزارت چيو ته ”پاڪستان سان لاڳاپو ٺاهڻ جون ڪوششون ان حقيقت کي لڪائي نٿيون سگهن ته اهي دهشتگرد گروهه افغان سرزمين تي مسلسل پناهه ۽ واڌ ويجهه لاءِ سازگار ماحول حاصل ڪري رهيا آهن.“
وزارت وڌيڪ چيو ته ”هن غيرشمولياتي ۽ غير نمائنده طالبان حڪومت جون اهڙيون دعوائون اندروني اختلافن، عورتن، ٻارن ۽ اقليتن تي ٿيندڙ جبر جي ذميواري ٻاهرين ڌرين تي وجهڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ واري روش جي پڻ عڪاسي ڪن ٿا.“
واضح رهي ته افغانستان جي نورستان سميت مختلف علائقن ۾ طالبان خلاف بغاوت جون خبرون سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن.










