پاڪستان مستقبل جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت لاءِ تيار

پاڪستان مستقبل جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت لاءِ تيار

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير ۽ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب چيو آهي ته پاڪستان مستقبل جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت لاءِ تيار آهي.هانگ ڪانگ ۾ بِٽ ڪوئن ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلال بن ثاقب چيو ته پاڪستان نئين مالي ۽ ٽيڪنالاجي تبديلين کي سمجهڻ ۽ پنهنجي صلاحيت وڌائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي.بلال بن ثاقب چيو ته پاڪستان مستقبل جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت لاءِ تيار آهي، پاڪستان 6 مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري سسٽم قائم ڪيو.هن چيو ته نئين ريگيوليٽري سسٽم جي ٺهڻ ۽ چالو ڪرڻ تي لڳ ڀڳ 200,000 ڊالر خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته منظور ٿيل بجيٽ جو لڳ ڀڳ 92 سيڪڙو استعمال نه ڪيو ويو.بلال بن ثاقب جي مطابق، پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي وڏي مقدار ۾ بِٽ ڪوئن خريد ڪرڻ بدران مستقبل جي مالي نظام لاءِ تيار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو