پاڪستان جي 16 سيڪڙو آبادي غذائي کوٽ جو شڪار

پاڪستان جي 16 سيڪڙو آبادي غذائي کوٽ جو شڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان عالمي بک انڊيڪس (جي ايڇ آءِ) 2026ع ۾ ڏکڻ ايشيا جو افغانستان کانپوءِ ٻيو بدترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن مان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ غذائي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي مسئلن جي سنگين صورتحال ظاهر ٿئي ٿي. عالمي بک انڊيڪس جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل رپورٽ موجب، پاڪستان 2026ع ۾ 25.5 اسڪور حاصل ڪيو آهي، جيڪو بک جي سنگين سطح کي ظاهر ڪري ٿو. ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان 28.6 اسڪور سان پاڪستان کان مٿي آهي، جڏهن ته خطي جو مجموعي اسڪور 23.5 ۽ عالمي اسڪور 18.1 آهي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي صورتحال ۾ ڊگهي مدي دوران بهتري آئي آهي، ڇو ته سال 2000ع ۾ ملڪ جو بک انڊيڪس اسڪور 36.2 هو، جيڪو گهٽجي 2026ع ۾ 25.5 ٿي ويو آهي. عالمي سطح تي پاڪستان 122 ملڪن مان 106هين نمبر تي آهي، جن بابت انڊيڪس 2026ع جو اسڪور تيار ڪرڻ لاءِ گهربل انگ اکر موجود هئا.
پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جي صورتحال
رپورٽ موجب، پاڪستان جو بک انڊيڪس چئن بنيادي اشارن تي ٻڌل آهي، جن ۾ خوراڪ جي کوٽ، پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ، ٻارن جو عمر جي ڀيٽ ۾ گهٽ وزن ۽ ٻارن جي موت جي شرح شامل آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي 16.1 سيڪڙو آبادي غذائي کوٽ جو شڪار آهي، جڏهن ته پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 33.6 سيڪڙو ٻار پنهنجي عمر جي لحاظ کان گهربل قد حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اهڙيءَ طرح 9.8 سيڪڙو ٻار پنهنجي قد جي ڀيٽ ۾ گهٽ وزن رکن ٿا، جڏهن ته ملڪ ۾ پنجن سالن جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ فوت ٿيندڙ ٻارن جي شرح 5.6 سيڪڙو آهي. رپورٽ موجب، ٻارن جي قد ۾ واڌ نه ٿيڻ ڊگهي عرصي تائين غذائي کوٽ جي نشاني آهي، جڏهن ته قد جي ڀيٽ ۾ گهٽ وزن هجڻ خوراڪ جي تازي يا شديد کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو.
مهانگائي وڌڻ جي اڳڪٿي
عالمي بک انڊيڪس جي اها رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) مالي سال 2026-27ع دوران پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي اڱاري ڏينهن جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ (ڊبليو اي او) رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح هلندڙ مالي سال دوران وڌي 9.9 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي، جيڪا مالي سال 2025-26ع ۾ 7.1 سيڪڙو هئي. مهانگائي ۾ امڪاني واڌ ۽ غذائي کوٽ بابت انگ اکر ملڪ ۾ خوراڪ جي دستيابي ۽ عام ماڻهن جي خريداري جي سگهه بابت اهم سوال اٿارين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو