پي ايڇ ايف پاران پاڪستان هاڪي ليگ ڪرائڻ جو اعلان

پي ايڇ ايف پاران پاڪستان هاڪي ليگ ڪرائڻ جو اعلان

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) پاران پاڪستان هاڪي ليگ ڪرائڻ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين واني موجب پاڪستان هاڪي ليگ ايندڙ سال 2027ع جي پهرين ٽماهيءَ ۾ منعقد ڪئي ويندي. محي الدين واني چيو ته پاڪستان هاڪي ليگ سان گراس روٽ ليول ۽ نوجوان ٽيلينٽ کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان هاڪي جي بحاليءَ جو سفر شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان ليگ ذريعي پروفيشل ڪوچنگ ۽ هاڪي سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. پي ايڇ ايف صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن ليگ ذريعي کاڏارين کي بين الاقوامي سطح جو ايڪسپوژر ۽ ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو