اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان کي هلندڙ مهيني قطر مان ايل اين جي جي ٻي کيپ به ملي وئي، ايل اين جي کڻي ايندڙ جهاز ’شاندونگ ريڊ ووڊ‘ قطر مان روانو ٿيڻ کانپوءِ اربع جي صبح پي جي پي ايل ٽرمينل تي پهچي لنگر انداز ٿي ويو.ذريعن موجب ايل اين جي جي اها کيپ قطر سان ٿيل ڊگهي مدي واري معاهدي تحت حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن جي قيمت برينٽ خام تيل جي قيمت جي 13.37 سيڪڙو جي برابر مقرر آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايل اين جي جي محفوظ آمد لاءِ ايران سان به رابطو ڪيو، جڏهن ته نئين کيپ ملڻ سان بجلي جي شعبي کي ڪجهه رليف ملڻ جي اميد آهي. ذريعن موجب هرمز سامونڊي رستي تان ايل اين جي جي فراهمي کي اڃا تائين اهم قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ايل اين جي جي باقاعده فراهمي انتهائي اهم آهي.










