پاڪستان پاران آمريڪا کان 10 ارب ڊالر گھُرڻ جي تصديق

پاڪستان پاران آمريڪا کان 10 ارب ڊالر گھُرڻ جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا کان 10 ارب ڊالرن جي مالياتي سهولت گھُرڻ جي تصديق ڪندي سپٽمبر تائين ان درخواست تي اڳڀرائيءَ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آمريڪا کان ”ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن فيسليٽي“ تحت اها مالياتي سهولت گھُري وئي آهي ۽ درخواست آمريڪي ناڻي واري وزارت وٽ موجود آهي.ناڻي واري وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي قرضن جي مدت وڌائڻ لاءِ به مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي. حڪومت ان قرض جي مدت کي 10 سالن تائين وٺي وڃڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ آمريڪي بينڪن، سي ڊي ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان به ڳالهيون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو