’ڀارتي جارحيت جي مذمت، حملي جو ڀرپور جواب ڏينداسين‘

’ڀارتي جارحيت جي مذمت، حملي جو ڀرپور جواب ڏينداسين‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جمعي ڏينهن ڀارت جي بچاءَ واري وزير راجناٿ سنگهه جي پاڪستان خلاف جارحيت جي ڌمڪي ڏيندڙ ”اشتعال انگيز بيانن“ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙا بيان پاڙيسري ملڪ جي ”بالادستيءَ واري ذهنيت“ کي ظاهر ڪن ٿا.
ڀارتي خبرون ڏيندڙ اداري اي اين آءِ موجب، راجناٿ سنگهه خميس ڏينهن خبردار ڪيو هو ته سرحد پار کان جيڪڏهن ٻيهر ڪا ”دهشتگرد ڪارروائي“ ٿي ته ان جو جواب پوئين ڀيري کان به وڌيڪ وڏي حملي جي صورت ۾ ڏنو ويندو.
جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان کان هفتيوار پريس بريفنگ دوران انهن بيانن بابت سوال ڪيو ويو.
هن چيو ته، ”پاڪستان ڀارتي بچاءَ واري وزير جي انهن اشتعال انگيز بيانن کي رد ڪري ٿو ۽ انهن جي مذمت ڪري ٿو، جن ۾ پاڪستان خلاف ڀارتي جارحيت جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. اهڙا غيرذميواراڻا بيان ڀارت جي بالادستيءَ واري ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا ۽ ان جي جارحاڻي رويي سبب ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي درپيش خطرن کي نمايان ڪن ٿا.“
هن چيو ته، ”اسان ڀارت کي گذريل سال مئي ۾ ڪيل فوجي جارحيت جا نتيجا ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا، جڏهن پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پنهنجي صلاحيت ۽ پختي ارادي جو مظاهرو ڪيو هو ۽ ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ مناسب جواب ڏنو هو.“ هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل مختصر فوجي تڪرار جو حوالو ڏنو.
هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ”ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي“ ته پاڪستان ڪنهن به ”غيرسوچيل سمجهيل جارحيت“ خلاف پنهنجي ”خودمختياري ۽ علائقائي سالميت“ جي حفاظت لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان جي ”تحمل ۽ امن لاءِ عزم“ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن خبردار ڪيو ته ڪنهن به جارحيت جو ”ڀرپور طاقت سان جواب“ ڏنو ويندو.
هن چيو ته، ”ڀارت کي گذريل سال جي تجربي مان مناسب سبق سکڻ گهرجي، پنهنجي جارحاڻي رويي ۽ خطرناڪ بيان بازيءَ کي ڇڏڻ گهرجي ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ذميواريءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي.“
ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت چين جي بيانن تي ردعمل
پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان کان چين جي انهن بيانن بابت به سوال ڪيو ويو، جيڪي لداخ جي تڪراري علائقي ۾ 28 جاگرافيائي هنڌن جا نالا تبديل ڪرڻ ۽ انهن کي معياري صورت ڏيڻ بابت ڀارت جي قدم جي حوالي سان ڏنا ويا هئا. لداخ تي ڀارت دعويٰ ڪري ٿو، جڏهن ته چين ڀارت جي ان قدم جي مخالفت ڪندي ان کي ”غيرقانوني“ قرار ڏنو هو.
ترجمان کان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پسمنظر ۾ ان اڳڀرائي بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خاص خودمختياري ختم ڪرڻ وارو قدم ”غيرقانوني ۽ بي اثر“ هو.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جو اهو قدم ان حقيقت کي تبديل نٿو ڪري سگهي ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل هڪ تڪراري علائقو آهي، جنهن جي حتمي حيثيت جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ٿيڻ گهرجي.
تصديقي خدمتن کي ڊجيٽل بڻائڻ
پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان کان وزارت جي دستاويزن جي تصديق ۽ اپوسٽائيل (Apostille) خدمتن ۾ متعارف ڪرايل سڌارن بابت به سوال ڪيو ويو. جنهن جي جواب ۾ ترجمان ٻڌايو ته گذريل مهيني وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اسلام آباد واري اينٽي ڪرپشن سرڪل هڪ اهڙي نيٽ ورڪ کي پڪڙيو هو، جنهن تي الزام هو ته اهو پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي مبينا ملي ڀڳت سان جعلي اپاسٽيل اسٽيڪر تيار ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ ملوث هو.
جمعي ڏينهن سجاد حيدر خان چيو ته پرڏيهي وزارت اپاسٽيل خدمتن کي مرحليوار ڊجيٽل ۽ خودڪار بڻائي رهي آهي، ته جيئن اهي وڌيڪ تيز، شفاف ۽ آسانيءَ سان دستياب ٿي سگهن.
هن ٻڌايو ته وزارت جي پورٽل ذريعي اليڪٽرانڪ تصديق (اي-اٽيسٽيشن) جي سهولت شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اليڪٽرانڪ اپاسٽيل خدمتن ڏانهن منتقليءَ جو عمل جاري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مقرر ڪيل حفاظتي ضابطن ۽ شرطن تحت اهل درخواست ڏيندڙن کي ذاتي طور پيش ٿيڻ کان ڇوٽ ڏئي سگهجي ٿي. ان قدم سان خاص طور پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ملندي.
هن چيو ته، ”هي اڳتي وڌڻ جي حوالي سان هڪ وڏي اڳڀرائي آهي.“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو عمل جاري آهي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ذاتي طور هن قدم جي اڳواڻي ڪئي آهي.
ترجمان چيو ته انهن خدمتن ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين بابت جاچ جاري آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان جا نتيجا ظاهر ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو