پهرين اننگ ۾ پاڪستاني بيٽنگ ناڪام، 171 تي سڀ آئوٽ

پهرين اننگ ۾ پاڪستاني بيٽنگ ناڪام، 171 تي سڀ آئوٽ

ليڊز(ويب ڊيسڪ)ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائن اپ بُري طرح ناڪام ٿي وئي ۽ پوري ٽيم 48.1 اوورن ۾ 171 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
ليڊز ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جو روٽ ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات اذان اويس ۽ امام الحق ڪئي، پر اذان اويس اننگز جي پهرين ئي بال تي رابنسن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، جڏهن ته 6 رنسن جي مجموعي اسڪور تي شان مسعود کي به رابنسن ايل بي ڊبليو ڪري آئوٽ ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ امام الحق ۽ عبدالله شفيق مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻئي بالترتيب 42 ۽ 61 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.
انهن کان علاوه ڪو به ٻيو پاڪستاني بيٽر انگلينڊ جي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو. سلمان علي آغا 21، خرم شهزاد 14 ۽ محمد رضوان 12 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ طرفان اولِي رابنسن ۽ جوش ٽونگ پنج، پنج پاڪستاني رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
پاڪستان جي فائنل اليون ۾ امام الحق، اذان اويس، عبدالله شفيق، شان مسعود، سعود شڪيل، محمد رضوان، علي عثمان، خرم شهزاد ۽ محمد عباس شامل آهن.
قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي انجري سبب سلمان علي آغا ٽيم جي قيادت جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي.
انگلينڊ جي ٽيم ۾ ڪپتان جو روٽ، ايملي گاءِ، بين ڊڪٽ، جارڊن ڪوڪس، هيري بروڪ، ڊين لارسن، جيمي سمٿ، گس ايٽڪنسن، جوفرا آرچر، اولي رابنسن ۽ جوش ٽونگ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو