وليمو کائيندڙ 400 کان وڌيڪ ماڻهن جو پيٽ خراب

وليمو کائيندڙ 400 کان وڌيڪ ماڻهن جو پيٽ خراب

ٽنڊو الهيار: (ن س) ٽنڊو الهيار ڀرسان هڪ خانگي شادي هال ۾ منعقد وليمي جي تقريب دوران زهريلو کاڌو کائڻ سبب سوين 400 کان وڌيڪ ماڻهو بيمار ٿي پيا.ٻڌايو پيو وڃي ته وليمي جي تقريب ذيشان شاهه نالي نوجوان جي هئي، رپورٽن موجب زهريلي کاڌي سبب متاثر ٿيندڙن جي اڪثريت سيد برادري سان تعلق رکي ٿي، متاثرين ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، سول اسپتال ۾ جاءِ جي کوٽ سبب متاثر ماڻهن کي ويجهي پارڪ ۾ طبي امداد فراهم ڪئي وئي. اسپتال ۾ متاثر ماڻهن جي وڏي تعداد جي اچڻ کانپوءِ ايمرجنسي واري صورتحال لاڳو ڪئي وئي.واقعي کان پوءِ اسپتال جي عملي تي ڪم جو دٻاءُ وڌي وڃڻ سبب مدد لاءِ خانگي ماڻهن جي خدمتن کي به شامل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته هن وقت 400 کان وڌيڪ ماڻهو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. هوڏانهن انتظاميا شادي هال کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. مختيارڪار موجب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، کاڌي جا نمونا حاصل ڪري ورتا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو