لانگ مارچ کان اڳ اڳواڻن کي حراسان ۽ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

لانگ مارچ کان اڳ اڳواڻن کي حراسان ۽ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالت 27 سيپٽمبر لانگ ماچ کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي حراسان ۽ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.27 سيپٽمبر جي لانگ مارچ کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي حراسان ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شعيب شاهين، ملڪ عامر علي ۽ ٻين کي حراسان ۽ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس راجه انعام امين منهاس ڪئي. ملڪ عامر علي ۽ ٻين طرفان وڪيل شعيب شاهين ۽ رياست آزاد عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران شعيب شاهين موقف اختيار ڪيو ته لانگ مارچ کان اڳ هڪ دفعو ٻيهر گرفتاريون ۽ ڇاپا شروع ٿي ويا آهن. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. شعيب شاهين الزام لڳايو ته ڇاپن جي دوران گهرن مان سامان ۽ رقم به کنئي پئي وڃي. هن چيو ته مان پاڻ مريض آهيان پر منهنجي فيملي کي به مبينه طور تي حراسان ڪيو پيو وڃي.هن وڌيڪ الزام لڳايو ته گهرن مان عورتن، ٻارن ۽ ٻارڙين کي به کنيو وڃي ٿو. شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته مان انهي حوالي سان حلفيه بيان ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج به فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان، شعيب شاهين استدعا ڪئي ته عدالت حراسان ڪرڻ ۽ گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي مقرر ڪري.جسٽس راجه انعام امين منهاس ريمارڪس ڏنا ته ايس ايس پي آپريشنز کي گهرائي پڇي ٿا وٺون ۽ انهي حوالي سان حڪم به جاري ڪريون ٿا. عدالت ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته شعيب شاهين، ملڪ عامر علي ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن کي حراسان ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو