ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) اروڙ يونيورسٽي سکر جا سيڪيورٽي ڊپازٽ جا 8 ڪروڙ 40 لک رپيا واپس نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي قائد عوام يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد کان رقم واپس ڪرائي اروڙ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي اي سي هدايت ڪئي آهي ته رقم منتقل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، قائد عوام يونيورسٽيءَ جي فنڊنگ مان لاڳاپيل رقم ڪٽوتي ڪري اروڙ يونيورسٽيءَ کي منتقل ڪري. اربع ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کوڙيءَ جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر قاسم سراج سومري، اروڙ يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اروڙ يونيورسٽيءَ جي 2021ع کان 2023ع تائين جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ اختيارين موجب، سنڌ ڪاليج آف آرٽ اينڊ ڊزائين سکر کي اروڙ يونيورسٽيءَ جو درجو ملڻ ۽ آڪٽوبر 2022ع ۾ مڪمل يونيورسٽيءَ طور ڪم شروع ڪرڻ باوجود قائد عوام يونيورسٽيءَ طرفان 8 ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌيڪ جا سيڪيورٽي ڊپازٽ فنڊز ۽ هڪ گاڏي اروڙ يونيورسٽيءَ جي حوالي نه ڪيا ويا آهن. اجلاس دوران اروڙ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٻڌايو ته رقم جي منتقليءَ لاءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي اسپيشل سيڪريٽريءَ جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪميٽيءَ 2025ع ۾ قائد عوام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي هدايتون جاري ڪيون هيون، پر ان باوجود رقم اڃا تائين منتقل نه ٿي سگهي آهي. پي اي سي معاملي جو نوٽيس وٺندي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي رقم واپس ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن فنڊز منتقل نه ڪيا ويا ته سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، قائد عوام يونيورسٽيءَ جي فنڊنگ مان رقم سڌيءَ ريت ڪٽوتي ڪري اروڙ يونيورسٽيءَ کي منتقل ڪري.










