جيڪب آباد، آزاد جکراڻي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم

جيڪب آباد، آزاد جکراڻي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم

جيڪب آباد:(ن س) جيڪب آباد ۾ پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي ننڍي ڀاءُ آزاد جکراڻي پوليس جي حراسمنٽ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم.جيڪب آباد ۾ پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي ننڍي ڀاءُ آزاد جکراڻي پاران پوليس جي مبينا هراساني خلاف داخل ڪرايل درخواست تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عطاءُ الله مهر جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران آزاد جکراڻي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ڊي ايس پي سٽي خدا بخش پنهور پڻ پوليس طرفان عدالت ۾ پيش ٿيو.آزاد جکراڻي عدالت کي بيان ڏنو ته ضلعي جي پوليس کيس هراسان ڪري رهي آهي، جتي به وڃان ٿو، اتي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پوليس مان خطرو آهي. عدالت بيان ٻڌڻ کانپوءِ آزاد جکراڻي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو