طالبان سپريم ليڊر سميت 4 ڄڻن جا وارنٽ ظاهر ڪرڻ جو حڪم

طالبان سپريم ليڊر سميت 4 ڄڻن جا وارنٽ ظاهر ڪرڻ جو حڪم

دي هيگ(ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) سومر ڏينهن هڪ فيصلي ۾ طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده ۽ چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني خلاف جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ عوام آڏو ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.انهن وارنٽن جي موجودگيءَ جو اعلان 8 جولاءِ 2025ع تي ڪيو ويو هو. ان کان علاوه وڌيڪ ٻن شڪي جوابدارن حبيب الله آغا ۽ ندا محمد نديم خلاف جاري وارنٽ پڻ ظاهر ڪيا ويا آهن. چارئي وارنٽ جولاءِ کان سيپٽمبر 2025ع دوران جاري ڪيا ويا هئا. عالمي فوجداري عدالت موجب، اهڙا معقول بنياد موجود آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن چئنهي ڄڻن تي انسانيت خلاف ڏوهه، خاص طور تي ظلم ۽ جبر جو حڪم ڏيڻ، ان لاءِ اڀارڻ يا ان کي هٿي وٺرائڻ جي ڏوهه ۾ فوجداري ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. اهو ڏوهه روم اسٽيچيوٽ تحت انسانيت خلاف ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو، جيڪو عالمي فوجداري عدالت جو بنيادي قانون آهي. آءِ سي سي موجب طالبان اڳواڻن تي صنفي ۽ سياسي بنيادن تي ظلم ۽ جبر جي ڏوهه ۾ ذميواري عائد ٿئي ٿي. عدالت جو چوڻ آهي ته اهڙا ثبوت موجود آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عورتن ۽ ڇوڪرين کي منظم طريقي سان سندن بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم رکيو ويو. عدالت موجب افغان عورتن ۽ ڇوڪرين کي تعليم، آزاد اچ وڃ، اظهار جي آزادي ۽ خانداني زندگي سميت بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو، جڏهن ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن جي حمايت ڪندڙن کي پڻ سياسي مخالف سمجهي نشانو بڻايو ويو. آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته وارنٽن کي عوام آڏو آڻڻ جو مقصد وڌيڪ ڏوهن جي روڪٿام ۽ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. طالبان جي پاليسين سان لاڳاپيل مبينا ظلمن ۾ قتل، قيد، تشدد، جنسي زيادتي ۽ جبري گمشدگين جهڙا ڏوهه پڻ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو