گورنر راج ۽ ايمرجنسي خلاف درخواستن تي حڪم نامو جاري

گورنر راج ۽ ايمرجنسي خلاف درخواستن تي حڪم نامو جاري

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخوا ۾ گورنر راج ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي گذريل ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخوا ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي سمورن ڌرين کي 14 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. درخواستگذارن پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته صوبائي اسيمبليءَ جي منظوريءَ کانسواءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته صدر وٽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪي به ٺوس ثبوت موجود نه هئا. درخواستگذارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صوبي ۾ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج طلب ڪئي وئي، جڏهن ته فوج کي سول انتظاميا جي مدد لاءِ گهرايو ويندو آهي. ٻڌڻيءَ دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل درخواستن جي ٻڌڻيءَ جوڳي هجڻ تي اعتراض واريو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو