اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو آفيسرن جي آمدني ۽ اثاثن جي ڊڪليئريشن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 30 آڪٽوبر تائين آن لائن پورٽل ذريعي پنهنجي آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل لازمي طور تي جمع ڪرائين.










