ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون، 7 دهشتگرد مارجي ويا

ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون، 7 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪندي فتنه الهندستان سان لاڳاپيل 7 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.عزمِ استحڪام ويزن تحت خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، باڙا واري علائقي ۾ ڪامياب انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن دوران فتنه الهندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويلن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولو بارود هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جا ٺڪاڻا مڪمل طور تباهه ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، ضلعي چاغي جي علائقي نوڪچا ۾ ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فتنه الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن نوڪچا ۾ خالي واٽر بائوزر کي باهه ڏيڻ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي ٻنهي کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڄاڻايل دهشتگرد اين 40 شاهراهه جي مختلف هنڌن تي باهه لڳائڻ جي واقعن ۾ پڻ ملوث هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته 31 آگسٽ تي به اهڙي قسم جي تخريبي ڪاررواين ۾ ملوث فتنه الهندستان جا 11 دهشتگرد مارجي ويا هئا. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم هجڻ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو