ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون، 18 دهشتگرد مارجي ويا

ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون، 18 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون ڪندي 18 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب خيبرپختونخوا ۾ عزمِ استحڪام تحت دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن. اتر وزيرستان ۽ ڀرپاسي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 13 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي پڻ نشانو بڻايو ويو. ذريعن موجب فورسز دهشتگردن جي چرپر تي مسلسل نظر رکڻ بعد فيصلائتي ڪارروائي ڪئي. هوڏانهن بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت مستونگ جي علائقن سياپشت ۽ ڪلي گشتري ۾ به ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران وڌيڪ 5 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ ممڪن دهشتگردن جي ڳولا ۽ خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جو چيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو