پشاور/ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران فتنته الخارج جا 11 دهشتگرد مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فتنته الخوارج جي 5 دهشتگردن کي ماريو ويو، جڏهن ته دهشتگردن جا ٺڪاڻا پڻ نشانو بڻائي تباهه ڪيا ويا. ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن ردالفتن 3 تحت بلوچستان ۾ فتنته الهند خلاف به ڪارروايون جاري آهن.ذريعن موجب بلوچستان جي علائقن گورندر ۽ ماشڪيل ۾ ڪارروائي دوران وڌيڪ 6 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب ماشڪيل ۾ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ کانپوءِ دهشتگردن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن کي ماريو.










